ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين سيزن جي سنڌ راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ شيڊيول ميچن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا آهن.
ڪراچي جي ڪمشنر سيد حسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ انتظامن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس دورن فيصلو ڪيو ويو ته ميچون حڪومت جي قومي بچت پاليسي تحت ٿينديون ۽ تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي،جڏهن ته ميڊيا کي ڪوريج جي اجازت هوندي.
اجلاس دوران رانديگرن لاءِ فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، ٽريفڪ ۽ پارڪنگ لاءِ به مڪمل پلان تيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فائر برگيڊ ۽ صحت جون سهولتون معمول موجب موجود هونديون.
واضح رهي ته پي ايس ايل جا مقابلا 26 مارچ کان شروع ٿيندا، ميگا ايونٽ جون ڊي ميچون منجهند اڍائي وڳي رات واريون ميچون ستين وڳي کيڏيون وينديون.
ٽورنامينٽ جي پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن لاهور قلندرز ۽ پهريون ڀيرو ٽورنامينٽ جو حصو بڻجندڙ حيدرآباد ڪنگزمين جي ٽيمن وچ ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم شام ستين وڳي کيڏي ويندي.
You might also like