اسان جي گاڏين کي هاءِ اوڪٽين فيول جي ضرورت ناهي: ڪيا موٽرز پاڪستان

ڪيا موٽرز پاڪستان واضح ڪيو آهي ته اسان جون گاڏيون هاءِ اوڪٽين فيول بنا بهترين طريقي سان هلي سگهن ٿيون ۽ عام پيٽرول تي مڪمل ڪارڪردگي ڏيکارينديون آهن.
ڪمپني موجب سمورا ماڊل بنا ليڊ واري پيٽرول تي هلڻ لاءِ ڊيزائن ۽ ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن جي گهٽ کان گهٽ اوڪٽين ريٽنگ رون 91 يا ان کان وڌيڪ آهي، جيئن گاڏي جي دستي ڪتاب ۾ لکيل آهي.
واهپيدار عام طور تي دستياب رون 92 فيول (سپر يا پريميئر) استعمال ڪري سگهن ٿا بنا ڪنهن پريشاني جي ۽ ڪارڪردگي ۾ ڪو فرق نه پوندو.
ڪيا موٽرز وڌيڪ چيو ته هاءِ اوڪٽين فيول جو استعمال يا مڪس ڪرڻ پاڪستان ۾ ان جي گاڏين لاءِ لازمي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.