اسلام آباد(ويب ديسڪ) خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ قومي سلامتي وارن معاملن تي وزيراعظم شهباز شريف سان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اهم ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي پڻ شرڪت ڪئي.
ٻنهي وڏن وزيرن وزيراعظم کي صوبن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون بابت حڪمت عملي بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ خطي جي موجودا صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ملڪي سياسي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي وزيرن جو وفد پڻ ملاقات ۾ شامل هو.
You might also like