اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪو خيراتي ڪمن مالي مدد ڪري: ريشم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪارا ريشم چيو آهي ته کيس خوف آهي ته ڪير رڳو شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ هن سان شادي نه ڪري.
رپورٽ موجب، تازو اداڪارا ريشم هڪ ٽي وي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي ذاتي زندگي بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پروگرام دوران ڳالهائيندي هن چيو ته هوءَ ڊگهي عرصي کان مسلسل ڪم ڪري رهي آهي ۽ هڪ خودمختيار ۽ محنتي عورت هجڻ جي حيثيت سان خوش آهي، پر کيس لڳي ٿو ته سندس قسمت ۾ ڪنهن مرد جي ڪمائي شامل ناهي.
واضح رهي ته اداڪارا اڃا تائين غير شادي شده آهي.
ريشم چيو ته هوءَ هميشه سوچيندي رهي آهي ته زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي سندس شادي ٿي ويندي، پر اڃا تائين اهو ممڪن ناهي ٿي سگهيو.
هن وڌيڪ چيو ته هوءَ اهڙي شخص سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي جيڪو سٺو انسان هجي. سندس خواهش آهي ته اهڙو ساٿي ملي جيڪو کليل دل سان کيس مالي سهولت ڏئي، جيئن هوءَ ان رقم کي لنگر ۽ ٻين فلاحي ڪمن ۾ استعمال ڪري سگهي.
ريشم چيو ته کيس اهو به خوف آهي ته ڪو ماڻهو صرف شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ هن سان شادي نه ڪري.
سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ اهڙا لاڙا عام ٿي چڪا آهن ۽ هوءَ اهڙي ماڻهو سان زندگي گذارڻ جو تصور نٿي ڪري، جيڪو ڪجهه وقت جي شهرت بعد کيس ڇڏي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.