ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سپر اسٽار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ چيو آهي ته اڄ ڪلهه صلاحيت ۽ محنت کي وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي.
ميڊيا رپورٽن موجب فهد مصطفيٰ تازو هڪ خانگي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن کان سوال ڪيو ويو ته ڇا شوبز انڊسٽري ۾ هيرو يا هيروئن لاءِ اڇو رنگ هجڻ ضروري آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته سندس رنگ اڇو ناهي، پر ان باوجود هن انڊسٽري ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، تنهنڪري رنگ هاڻي اهميت نٿو رکي۔
هن مثال ڏيندي چيو ته صنم سعيد، صبا قمر، احمد علي اڪبر ۽ سجل علي جهڙا ڪامياب فنڪار آهن، جن جي سڃاڻپ سندن رنگ نه پر سندن ٽيلنٽ آهي۔
فهد مصطفيٰ وڌيڪ چيو ته موجوده دور ۾ سڄي دنيا ۾ مختلف چهرا ۽ رنگ رکندڙ ماڻهو اداڪاري جي ميدان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن۔
هن وڌيڪ چيو ته سندس پنهنجو رنگ سانورو آهي، پر هن پنهنجي محنت ۽ صلاحيت سان پنهنجو نالو ٺاهيو آهي۔
واضح رهي ته فهد مصطفيٰ تي به رنگ اڇو ڪرڻ وارين انجيڪشنز بابت الزام لڳايا ويا آهن۔