ڪيف (ويب ڊيسڪ) روس يوڪرين خلاف جاري جنگ دوران گذريل 24 ڪلاڪن ۾ هينئر تائين جو سڀ کان وڏو فضائي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ 948 ڊرونز ذريعي يوڪرين جي مختلف شهرن کي نشانو بڻايو ويو.
يوڪرائني ايئر فورس موجب، اڱاري جي صبح 9 وڳي تائين 556 ڊرونز فائر ڪيا ويا، جيڪو ڏينهن جي وقت ڪيل هڪ غير معمولي حملو هو، حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
مقامي اختيارين جو چوڻ آهي ته ملڪ جي اولهندي شهر لويوف ۾ 16هين صدي جي تاريخ” برنارڊائن خانقاهه“ کي پڻ نقصان پهتو آهي، جيڪا يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ شامل آهي.
يوڪريني انتظاميا موجب، گذريل رات به وڌيڪ 392 ڊرونز ۽ 34 ميزائل فائر ڪيا ويا هئا.
ٻئي پاسي روس طرفان انهن دعوائن تي اڃا تائين ڪو به باضابطا ردعمل سامهون ناهي آيو.
You might also like