”پنهنجي شڪست کي معاهدو نه چئو، خطي مان آمريڪا جو نانءُ نشان مٽائي ڇڏينداسين“ ايراني فوج جو ٽرمپ کي چٽو پيغام

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي ترجمان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي سخت پيغام ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي شڪست کي معاهدو نه سڏيو، توهان پاڻ سان ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ايران جي خاتم الانبياءَ مرڪزي هيڊڪوارٽر جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري (آمريڪا ۽ ٽرمپ جو نالو کڻڻ کان سواءِ) هڪ ”پاڻمرادي عالمي سپر پاور“ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته پنهنجي ناڪامي کي معاهدي جو نالو نه ڏنو وڃي.
ايراني ميڊيا تي نشر ٿيل وڊيو پيغام ۾ ابراهيم ذوالفقاري چيو ته ڇا توهان جا اندروني اختلاف ان حد تائين پهچي ويا آهن جو توهان پاڻ سان ئي ڳالهيون ڪري رهيا آهيو؟
هن وڌيڪ چيو ته توهان نه خطي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ٻيهر ڏسي سگهندئو ۽ نه ئي توانائي ۽ تيل جا پراڻا اگهه بحال ٿيندا، جيستائين توهان اهو نه سمجهندئو ته خطي جو استحڪام اسان جي هٿياربند فوجن جي مضبوط هٿن سان يقيني بڻجي ٿو، استحڪام طاقت مان ايندو آهي.“
ابراهيم ذوالفقاري چيو ته ”اسان جهڙا ماڻهو توهان جهڙن سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندا، نه هاڻي ۽ نه ئي ڪڏهن.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.