اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج جي ترجمان کانپوءِ پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم پڻ آمريڪا سان ڪنهن به قسم جي سڌي يا اڻ سڌي ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ايراني سفير چيو ته پاڪستان جهڙا دوست ملڪ تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهين لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ جا خواهشمند آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته دوست ملڪن جون اهي ڪوششون ڪامياب ٿينديون.
رضا اميري مقدم وڌيڪ چيو ته” دوست ملڪ جارحيت جي خاتمي لاءِ ڌرين سان رابطي ۾ ضرور آهن، پر منهنجي ڄاڻ موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اڃا تائين جنگبندي بابت ڪا به سڌي يا اڻ سڌي ڳالهه ٻولهه نه ٿي آهي.“
You might also like