آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن دوران ڳالهين تي يقين ناهي: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته مختلف ملڪ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ ڪري رهيا آهن، ايران مختلف ملڪن جي پيغامن جو جواب ڏئي رهيو آهي ۽ ايران جو موقف واضح آهي ته هو پنهنجو دفاع جاري رکندو.
اسماعيل بقائي موجب، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن دوران ڳالهيون يقين جوڳيون ناهن، جڏهن ته عباس عراقچي پنهنجي پاڪستاني هم منصب ۽ ٻين ملڪن جي سفارتڪارن سان رابطي ۾ آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ ايران جي اعليٰ گڏيل فوجي ڪمان جي ترجمان آمريڪا سان ڳالهين بابت خبرن تي ردعمل ڏيندي چيو هو ته آمريڪا پنهنجي شڪست کي معاهدي جو نالو نه ڏئي، جڏهن ته خطي ۾ آمريڪي سيڙپڪاري جا نشان باقي نه رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.