عمران خان ڏاڍو وڻندو هو، کيس سياسي هيرو نه ٿو مڃان: سهيل احمد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيئر اداڪار سهيل احمد چيو آهي ته عمران خان ڪرڪيٽ جو هيرو رهيو آهي، کيس سياسي هيرو نٿو چئي سگهجي.
هڪ شو دوران سهيل احمد چيو ته عمران خان هيرو آهي، ان ڳالهه کان ڪير انڪار ڪري سگهي ٿو؟ ن ليگ جو اڳواڻ هجي يا پيپلز پارٽي جو، سڀ مڃين ٿا ته عمران خان قومي هيرو آهي.
هن چيو ته هيرو ته هيرو رهندو آهي ۽ هاڻي هو ڪرڪيٽ مان رٽائر ٿي چڪو آهي.
سهيل احمد وڌيڪ چيو ته مون کي هو (عمران خان) ڏاڍو وڻندو هو، پر مان کيس سياسي هيرو نٿو سمجهان، رڳو سياست جي ڪري مان اهو نٿو چئي سگهان ته مان ساڻس نفرت ڪيان ٿو.
سنييئر اڳواڻ جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي، جنهن تي مختلف واهپيدار پنهنجي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.