اسلام آباد (ويب ڊيسڪ (وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادي محمد بن سلمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف شهزادي محمد بن سلمان کي عيد جون واڌايون ڏنيون ۽ سعودي عرب تي تازن حملن جي سخت مذمت ڪئي.
بيان موجب، وزيراعظم هن ڏکئي وقت ۾ سعودي حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ موجودا بحران دوران غيرمعمولي صبر جو مظاهرو ڪرڻ تي قيادت کي ساراهيو.
وزيراعظم فوري طور جنگ ختم ڪرڻ ۽ حالتون معمول تي آڻڻ تي زور ڏنو ته جيئن علائقائي صورتحال مستحڪم بڻائي سگهجي.
هن سعودي ولي عهد کي سمورين ڌرين سان پاڪستان جي سفارتي رابطن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ اختلافن کي ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم هائوس موجب، سعودي ولي عهد پاڪستان جي امن ڪوششن جي واکاڻ ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر سطح تي ويجها رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.