اسرائيلي فوج پاران 18مهينن جي فلسطيني ٻار کي سگريٽن سان ڏنڀ

غزا (م ڊ) 18مهينن جي ٻار کي پيءُ جي سامهون سگريٽن سان ساڙيو ويو، غزا جي مغازي پناهگير ڪئمپ ۾ اسرائيلي فوج پاران فلسطيني ٻار تي مبينا تشدد سامهون آيو، 18 مهينن جي ٻار کي پيءُ جي سامهون سگريٽن سان ساڙڻ جو الزام هنيو ويو، انساني حقن جي تنظيمن طرفان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، پرڏيهي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي جاري تصويرن ۽ وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد باهه ٻري وئي، اسرائيلي فوج تي سخت تنقيد، عالمي برادري کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ڪئي وئي، رپورٽن موجب اسرائيلي فوج هڪ فلسطيني شخص سامهون سندس 18 مهينن جي ٻار تي تشدد ڪيو، ٻار جي جسم کي سگريٽن سان ساڙيو ويو ۽ سندس زخمن ۾ ننهن هنيا ويا، جنهن سبب هو شديد تڪليف ۾ لڳاتار روئيندو رهيو، ذريعن موجب ان دوران ٻار جي والد اسامه ابو ناصر کي حراست ۾ وٺي مٿس دٻاءُ وڌو ويو ته هو زبردستي اعتراف ڪري، اهو واقعو هڪ چيڪ پوسٽ تي پيش آيو، جتي پيءُ ۽ پٽ موجود هئا، اطلاعن موجب ٻار کي لڳ ڀڳ 10 ڪلاڪن کانپوءِ ريڊ ڪراس جي ذريعي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته سندس والد اڃا تائين حراست ۾ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.