اسلام آباد/واشنگٽن(بيورو+عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته پاڪستان جاري بحران جي خاتمي لاءِ بامقصد ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا۽ ايران راضي ٿين ته اهڙين ڳالهين جي ميزباني پاڪستان لاءِ فخر جو سبب هوندي۔هن وڌيڪ چيو ته علائقي ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين جو عمل انتهائي ضروري آهي۔سندس چوڻ هو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو ۽ تڪرار جي جامع حل لاءِ بامعنيٰ ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنهن کي هو اعزاز سمجهي ٿو۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شہباز شریف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن ۾ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو تعميري ڪردار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو۔گذريل ڏينهن مختلف ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس، وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر امڪاني طور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ايران سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا۔ٻئي پاسي، پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڌريون راضي ٿين ٿيون ته پاڪستان ٽياڪڙي ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي ٻئي پاسي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وزيراعظم شهبازشريف جو بيان پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي شيئر ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جو بيان آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان ٽرٿ سوشل تي بغير ڪنهن ڪيپشن جي شيئر ڪيو ويو.وزيراعظم پنهنجي سوشل ميڊيا بيان ۾ چيو هو ته پاڪستان جاري بحران جي خاتمي لاءِ بامقصد ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي.