اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهبازشريف پيٽروليم شين تي سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري کي اعتماد ۾ وٺندو، ۽ ان سلسلي ۾ ملاقات جو امڪان آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي لاءِ ڊجيٽل نظام متعارف ڪرائڻ وڃي رهي آهي۔ذريعن موجب، وزيراعظم جي ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات متوقع آهي جنهن دوران پيٽروليم سبسڊي ۾ صوبن کي شامل ڪرڻ بابت صلاح مشورا ڪيا ويندا۔ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي حڪومت هن وقت تائين پيٽروليم شين تي لڳ ڀڳ 100 ارب رپيا سبسڊي ڏئي چڪي آهي، جنهن مان سڄي ملڪ جا ماڻهو فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ هاڻي وزيراعظم صوبائي حڪومتن سان به ان سبسڊي ۾ حصو وجهڻ لاءِ ڳالهين ۾ مصروف آهن۔ذريعن موجب، حڪومت پيٽروليم شين جي راشن بندي لاءِ هڪ ڊجيٽل سسٽم آڻي رهي آهي، جنهن لاءِ هڪ موبائل ايپ تيار ڪئي پئي وڃي۔ ان ايپ ذريعي صارف پنهنجي گاڏي جو نمبر ۽ سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪري رجسٽريشن ڪرائي سگهندا۔وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته هر شهري لاءِ سندس ضرورت ۽ دستيابي مطابق پيٽروليم ڪوٽا مقرر ڪيو ويندو، ۽ هر ماڻهو کي روزاني بنياد تي طئي ٿيل مقدار مطابق پيٽرول يا ڊيزل فراهم ڪيو ويندو۔ذريعن موجب، حڪومت گذريل سال مارچ کان هن سال مارچ تائين پيٽروليم استعمال جو جائزو ورتو آهي، جنهن مان ظاهر ٿيو آهي ته قيمتن ۾ واڌ جي باوجود استعمال ۾ گهٽتائي بدران اضافو ٿي رهيو آهي۔انهيءَ پس منظر ۾ وزيراعظم صدر کي سبسڊي ۾ صوبن جي شموليت ۽ راشن بندي ايپ بابت اعتماد ۾ وٺندو
اسلام آباد (بيورو) عالمي سطح تي خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ، پاڪستان ۾ پيٽروليم شين ۾ واڌ جو خدشو، ذريعن جو چوڻ آهي تهايران خلاف جنگ ۽ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ سبب خام تيل جي قيمتن ۾ واڌ جاري آهي، جنهن جو اثر ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ پيٽروليم شين تي پوندو، ذريعن موجب هن ڀيري به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي ۽ تاريخي واڌ جو امڪان آهي، جنهن کان پوءِ قيمتون پاڪستان جي تاريخ ۾ بلند ترين سطح تي پهچي سگهن ٿيون، ذريعن موجب پيٽرول 55 رپيا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 75 رپيا في ليٽر تائين مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، اوگرا ٻن ڏينهن بعد پنهنجي ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي سمري موڪليندو، حتمي منظوري پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف ڏيندو، حڪومت قيمتن ۾ هڪ جي بدران ٻه هفتن ۾ مرحليوار واڌ ڪري سگهي ٿي، يا سبسڊي ڏئي موجوده سطح تي برقرار رکي سگهي ٿي.