بيجنگ/تهران(عوامي آواز نيوز)چين ايران تي زور ڏنو آهي ته جنگ جي بدران ڳالهه ٻولهه کي ترجيح ڏني وڃي.عالمي خابرو اداري موجب، چين جي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته چيني پرڏيهي وزير ٽيليفونڪ گفتگو دوران خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ زور ڏنو ته مسئلن جو حل جنگ نهپر ڳالهين ۾ آهي.وانگ يي ايراني هم منصب کي چيو ته موجوده صورتحال ۾ سڀني ڌرين کي امن ڳالهيون شروع ڪرڻ جي هر ممڪن موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي.هن واضح ڪيو ته تڪرارن کي طاقت جي استعمال بدران ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري ذريعي حل ڪيو وڃي.چيني وزير خارجہ اهو به زور ڏنو ته مشرقِ وسطيٰ ۾ جاري ڇڪتاڻ نه صرف علائقائي پر عالمي امن ۽ معيشت لاءِ به خطرو بڻجي سگهي ٿي.ان تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي خطي جي تازي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن رابطا برقرار رکڻ ۽ سفارتي ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.ياد رهي ته وچ اوڀر جنگ بابت چين بار بار اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته فوري جنگ بندي ۽ سياسي حل ئي ڊگهي مدي واري استحڪام جي ضمانت ڏئي سگهن ٿا.چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب عباس عراقچي سان گفتگو ڪئي آهي.چيني سرڪاري ميڊيا جي ترجمي موجب عراقچي وانگ يي کي ٻڌايو ته “ايران هڪ جامع جنگ بندي لاءِ پرعزم آهي، صرف عارضي جنگ بندي لاءِ نه.”هن اهو به واضح ڪيو ته “آبناءِ هرمز سڀني لاءِ کليل آهي ۽ جهاز محفوظ طريقي سان گذري سگهن ٿا، پر جيڪي ملڪ هن وقت حالتِ جنگ ۾ آهن، انهن تي اهو لاڳو نٿو ٿئي.”سرڪاري ميڊيا جي جاري ڪيل خلاصي مطابق وانگ يي زور ڏنو ته “ڳالهه ٻولهه هميشه جنگ کان بهتر هوندي آهي.” هن سڀني ڌرين کي چيو ته “امن جي هر ممڪن موقعي مان فائدو وٺن ۽ جلد کان جلد امن عمل شروع ڪن