حيدرآباد (رپورٽر) او جي ڊي سي پاران سنڌ جي حيدرآباد ضلعي ۾ پاساکھي-13 کوهه مان تيل جي پيداوار شروع ڪئي وئيآهي، روزانو 460 بيرل پيداوار، جديد ٽيڪنالاجي سان اهم ڪاميابي ملڻ لڳي، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حيدرآباد ۾ واقع پاساکھي-13 کوهه مان تيل جي پيداوار جي باقاعده شروعاتي ڪئي وئي آهي، او جي ڊي سي پاران چيو ويو ته پاساکھي-13 پاڪستان جو پهريون ڪامياب هوريزونٽل آئل ويل آهي، جتان روزانو لڳ ڀڳ 460 بيرل تيل حاصل ٿي رهيو آهي،کوهه جي ڊرلنگ 2966 ميٽر کوٽائي تائين مڪمل ڪئي وئي آهي،
جڏهن ته جديد ٽيڪنالاجي ذريعي 546 ميٽر سائڊ ٽريڪ وٽ به کوٽائي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب پيداوار ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، ماهرن موجب نئين ڊرلنگ ٽيڪنيڪ سان تقريبن ٽي ڀيرا وڌيڪ تيل حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ملي آهي، جيڪا ملڪ جي توانائي شعبي لاءِ اهم اڳڀرائي سمجهي پئي وڃي، هن منصوبي سان ملڪ ۾ تيل جي پيداوار وڌڻ سان گڏ توانائي جي فراهمي ۾ بهتري اچڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.