ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي نارٿ ناظم آباد جي علائقي حيدري مارڪيٽ ۾ واقع ڪپڙن جي گدام جي مئنيجر پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، پوليس موجب واقعي پٺيان مالي پريشانيون سبب بڻيون آهن، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته حيدري مارڪيٽ ۾ واقع ڪپڙن جي گدام ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ هڪ شخص فوت ٿي ويو، اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي وئي ۽ لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته ڪرائم سين يونٽ کي به طلب ڪيو ويو ته جيئن ثبوت گڏ ڪيا وڃن، پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 35 ورهين جي راڻا محمد ثاقب ولد صديق طور ٿي، جيڪو شوروم ۾ مئنيجر طور ڪم ڪندو هو ۽ ميٽرڪ بورڊ آفيس ڀرسان رهندڙ هو، ايس ايڇ او حيدري مارڪيٽ محمد عارف موجب فوتي گدام تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ جي هٿيار سان پاڻ کي گولي هڻي زندگي ختم ڪئي، سيڪيورٽي گارڊ واقعي وقت موڪل تي هو، شروعاتي جاچ موجب پوليس جو چوڻ آهي ته راڻا محمد ثاقب مالي پريشانين کان تنگ اچي اهو قدم کنيو آهي.