آمريڪا ۽ ايران راضي آهن ته پاڪستان ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي: وزيراعظم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاري بحران جي خاتمي لاءِ بامقصد ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران رضامندي جي صورت ۾ ڳالهين جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز هوندو.
وزيراعظم موجب، علائقي ۽ سڄي دنيا ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڳالهين جو عمل انتهائي ضروري آهي.
هن چيو ته پاڪستان وچ اوڀر ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ جاري سفارتي ڪوششن جي آجيان ڪري ٿو ۽ تڪرار جي گڏيل حل لاءِ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي ميزباني لاءِ تيار آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، جنهن ۾ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو، جڏهن ته مختلف ميڊيا پليٽ فارمز تي رپورٽ ٿيو هو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر امڪاني طور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ايران بابت ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.