آءِ پي ايل: لڄالٽ جو الزام، رائل چئلينجر بئنگلورو اهم رانديگر کي اسڪواڊ مان ڪڍي ڇڏيو

بئنگلورو (اسپورٽس ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ جي فرنچائز ۽ دفاعي چيمپيئن رائل چيلنجرز بئنگلورو (آر سي بي) تصديق ڪئي آهي ته لڄالٽ جي الزامن جو شڪار فاسٽ بالر يش ديال 2026 جي سيزن لاءِ ٽيم جو حصو نه هوندو.
ٽيم جي ڊائريڪٽر آف ڪرڪيٽ مو بوبٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته يش ديال هن وقت ”ذاتي صورتحال“ مان گذري رهيو آهي، جنهن ڪري کيس اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته يش ديال کي دفاعي چيمپيئن آر سي بي آءِ پي ايل 2026 کان اڳ ريٽين ڪيو هو، هن وقت سنگين الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي.
يش ديال خلاف پاڪسو ايڪٽ تحت ڪيس داخل آهي، جيڪو ننڍي عمر وارن ٻارن خلاف جنسي ڏوهن بابت آهي، جئپور جي هڪ خاص عدالت ڊسمبر 2025 ۾ سندس گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي، ان کانسواءِ غازي آباد ۾ به هڪ عورت مٿس جنسي هراساني جاالزام مڙهيا آهن.
آر سي بي کي ان وقت سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو جڏهن هنن گذريل مني آڪشن کان اڳ يش ديال کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو.
پر ان کانپوءِ هو بئنگلورو ۾ ٿيل پري سيزن ڪئمپ ۾ نظر نه آيو، جنهن سان سندس مستقبل بابت سوال اٿڻ لڳا هئا.
مو بوبٽ وضاحت ڪندي چيو ته ”يش ديال اڃا تائين ٽيم سان ڪانٽريڪٽ ۾ آهي، پر موجودا صورتحال ۾ سندس اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ نه سندس ۽ نه ئي فرنچائز جي مفاد ۾ آهي. ٽيم انتظاميا ساڻس مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪري رهي آهي.“
آر سي بي ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي اڳ ئي متبادل پلان تيار ڪري ورتو هو. فرنچائز آءِ پي ايل 2026 جي آڪشن ۾ مڌيا پرديش جي فاسٽ بالر منگيش يادو کي پنج ڏهائي ويهه ڪروڙ ڀارتي رپين ۾ خريد ڪري ورتو آهي ۽ امڪان آهي ته هو يش ديال جي جاءِ تي پليئنگ اليون جو حصو هوندو.
تازي اڳڀرائي کانپوءِ يش ديال جي آءِ پي ايل 2026 ۾ شموليت ناممڪن نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته آر سي بي پنهنجي ٽيم کي متوازن رکڻ لاءِ متبادل آپشنز تي ڀاڙي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.