ممبئي(ويب ڊيسڪ) سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي ڀارتي ريپر ۽ گلوڪار بادشاهه ۽ اداڪارا ايشا رکي ۾ ڳجهي شاديءَ جون افواهون هلي رهيون آهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب واهپيدارن ۾ افواهون هلڻ شروع ٿيون جڏهن ايشا رکي جي امڙ پونم رکي هڪ خانگي تقريب جون تصويرون آن لائين شيئر ڪيون، جنهن ۾ مبينا طور تي شادي جون رسمون نظر اچي رهيون آهن.
رپورٽس موجب فوٽوز ۽ پوسٽس کانپوءِ مداحن ان ڳالهه تي تبصرا شروع ڪري ڇڏيا آهن ته بادشاهه ۽ ايشا رکي خانگي تقريب ڪوٺائي شادي ڪري ڇڏي آهي پر ان بابت اڃا تائين بادشاهه پاڻ ڪو اعلان ناهي ڪيو ۽ نه وري ايشا رکي يا ان جي ڪٽنب اهڙي واضح تصديق ڪئي آهي.
رپورٽ موجب اداڪارا جي امڙ پاران تصويرن شيئر ڪرڻ تي مداحن ۾ نه رڳو دلچسپي وڌي وئي آهي پر افواهن کي به هواءِ ملي آهي، جڏهن ته اڃا تائين باضابطا طور ڪنهن به اهڙي تصديق ناهي ڪئي، هي سڀ خبرون فلحال افواهن جي حد تائين محدود آهن.