عيد تي هانيا جي” ساڙهي“ تڪراري بڻجي وئي! تنقيد

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا هانيا عامر عيدالفطر جي موقعي تي منفرد ساڙهي اوڙهي سوشل ميڊيا تي تنقيد جو شڪار بڻجي وئي.

خابرو اداري موجب اداڪارا هانيا عامر عيد ڏهاڙي ساڙهي پاتي جنهن جو بلائوز سليو ليس (بنا ٻانهن جي) هيو، سادو ميڪ اپ ڪري وارن ۾ سڳي پاتي ۽ اهڙي ريت روايتي ۽ جديد انداز کي ملائي ڇڏيو.

رپورٽ موجب سماجي رابطن جي ويبسائيٽ تي سندس ڪپڙن تي وڏي تنقيد ڪئي وئي آهي، ڪپڙن کي غيرمناسب ڄاڻائي  واهپيدارن چيو ته عيد جهڙي مذهبي تهوار تي اهڙا ڪپڙا مناسب ناهن جڏهن ته ٻين سندس انداز کي حد کان وڌيڪ ” بولڊ “ قرار ڏنو.

ڪجهه تبصرن ۾ سخت جملا لکيا ويا، جتي هڪ واهپيدار لکيو ته اها عيد آهي، ڏياري ناهي جڏهن ته ٻين به اداڪارا جي ڪپڙن ۽ انداز تي تنقيد ڪئي.

ٻي پاسي ڪجهه واهپيدارن ۽ هانيا عامر جي مداحن سندس انداز کي ساراهيو ۽ ان کي سندس ذاتي پسند قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.