ٽڪ ٽاڪ ۾ اهڙي نئين تبديلي جيڪا واهپيدارن کي پسند نه ايندي!

ٽڪ ٽاڪ ۾ اهڙي نئين تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا گهڻو ڪري واهپيدارن کي وڌيڪ پسند نه ايندي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ پاران ايپ ۾ نوان اشتهاري فارميٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ۾ هڪ فارميٽ ۾ جڏهن به واهپيدار ايپ اوپن ڪندا ته ڪنهن برانڊ جو لوگو ٽڪ ٽاڪ سان لڳايو ويندو.

رپورٽ موجب اهو نئون لوگو ٽيڪ اوور نالي اشتهاري فارميٽ ڪمپنين کي ٽڪ ٽاڪ سان گڏ سهڪار ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو ته جيئن ايپ اوپن ٿيندي ئي واهپيدارن جي توجه حاصل ڪري سگهي.

پرڏيهي رپورٽ موجب ٽڪ ٽاڪ جي اختيارين ٻڌايو ته اشتهاري فارميٽ، سهڪار، اعتبار ۽ ثقافتي تعلق جي عڪاسي ڪندو جڏهن ته اشتهاري ڪمپنين کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچ ملي سگهندي.

هڪ ٻئي نئين پرائم ٽائم اشتهاري فارميٽ ۾ اشتهارن جي سيريز کي مخصوص وقت ۾ ڏيکاريو ويندو. جيئن ڪنهن لائيو ايونٽ دوران يا انگيج منٽ جي موقعي تي ۽ ان اشتهاري فارميٽ ۾ ڪنهن هڪ ڪمپني جي 3 اشتهارن کي 15 منٽ جي وقفي ۾ واهپيدارن کي ڏيکاريو ويندو.

هڪ اڃا نئون فارميٽ ٽاپ ريچ آهي جنهن ۾ ٽڪ ٽاڪ جي ٻن اشتهاري فارميٽس کي ٽاپ ويو ۽ ٽاپ فيڊ جي حوالي ڪيو ويندو.

ٽاپ ويو ۾ پهرين اشتهار واهپيدارن کي ايپ اوپن ٿيڻ بعد ڏيکاريا ويندا آهن جڏهن ته ٽاپ فيڊ ۾ فار يو فيڊ ۾ اولين اشتهار ڏيکاريا ويندا آهن، هاڻي ٻنهي کي ملايو ويندو.

جيتوڻيڪ ڪمپني جو چوڻ آهي ته نون اشتهارن سان برانڊز کي وڌيڪ ماڻهن تائين پهچ ملندي پر ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي توهان کي وڌيڪ اشتهار ڏسڻا پوندا.

جيئن ايپ اوپن ٿيندي ته پهرين سيڪنڊ ۾ اشتهار نظر اچڻ ڪجهه گهڻو سٺو نه لڳندو.

اهڙي طرح واهيپدار هڪ ئي ڪمپني جا 3 اشتهار 15 منٽن جي وقفي ۾ ڏسندا، جيڪو پڻ کين پسند نه ايندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.