لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم ڪپتان بين اسٽوڪس آسٽريليا هٿان ايشز سيريز ۾ 4-1 جي شرمناڪ شڪست کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال کي پنهنجي ڪپتانيءَ جو ”ڏکيو ترين دور“ قرار ڏنو آهي.
سوشل ميڊيا تي مداحن جي نالي هڪ کليل خط ۾ هن هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جي مڪمل حمايت جو اعلان پڻ ڪيو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اِي سي بي ) سومر تي تصديق ڪئي آهي ته بين اسٽوڪس ٽيسٽ ڪپتان طور پنهنجون ذميواريون جاري رکندو، جڏهن ته ميڪلم ۽ راب ڪي پڻ پنهنجي عهدن تي برقرار رهندا.
بورڊ جي چيف ايگزيڪٽيو رچرڊ گولڊ قبول ڪيو ته ايشز جي ناڪامي کانپوءِ ڪنهن کي به عهدي تان نه هٽائڻ وارو فيصلو شايد مداحن کي نه وڻي .
راب ڪي کي ته ان ڳالهه جي ترديد به ڪئي ته اسٽوڪس ۽ ميڪلم جي وچ ۾ ڪو تڪرار آهي.
انسٽاگرام تي لکيل پنهنجي خط ۾ اسٽوڪس چيو ته”انگلينڊ جي ڪپتاني هڪ وڏو اعزاز آهي جنهن کي مان معمولي نه ٿو سمجهان، گذريل ٽي مهينا منهنجي ڪپتاني واري سفر دوران ڏکيا رهيا آهن، جنهن مون کي ڪيئي طريقن سان آزمايو آهي، اسان غلطيون ڪيون آهن ۽ انهن مان گهڻو ڪجهه سکيو به آهي.“
اسٽوڪس پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته”مان ڪرڪيٽ سان محبت ڪريان ٿو، مون کي هن ٽيم سان پيار آهي ۽ انگلينڊ جو ڪپتان هئڻ تي فخر اٿم، مون وٽ هن ڪردار لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ آهي ۽ مان خوش آهيان ته مان ميڪلم ۽ راب ڪي سان گڏجي ڪم جاري رکندس.“
واضح رهي ته بين اسٽوڪس ايشز سيريز دوران بيٽ ۽ بال سان گڏوگڏ ڪپتاني ۾ به ڏکيائين جو شڪار رهيو.
هن 10 اننگز ۾ رڳو 184 رنسون ٺاهيون ۽ آخري ٽيسٽ ۾ انجري جو شڪار ٿي ويو. ان باوجود به راب ڪي جو چوڻ آهي ته اسٽوڪس ۽ ميڪلم جي جوڙي انگلينڊ جي بهترين جوڙين مان هڪ آهي.
اسٽوڪس هاڻي جون ۾ نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز کان اڳ ڪائونٽي چيمپئن شپ ۾ ڊرهم جي نمائندگي ڪندي پنهنجي فارم ۽ فٽنيس بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
اسٽوڪس جو مداحن جي نالي جذباتي خط، اِي سِي بِي جو ايشز ۾ شڪست کانپوءِ ڪپتان، ڪوچ ۽ ڊائريڪٽر بابت وڏو فيصلو
You might also like