اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مڙس سان عليحدگي بعد ڏاج جي سامان جي واپسي بابت درخواست تي وڏو فيصلو جاري ڪندي فيملي ڪورٽ کي ٻن مهينن اندر ڪيس جو فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته حڪومت کي عورتن جي مالي حقن جي تحفظ لاءِ اثرائتي قانوني سازي جي به هدايت ڪئي آهي.
جسٽس محسن اختر ڪياني عورت جي درخواست تي 28 صفحن تي ٻڌل لکت فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ اسلامي قانونن، قرآني آيتن ۽ پرڏيهي عدالتن جي فيصلن جا مثال به ڏنا ويا.
عدالت فيملي ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ ڪورٽ جي اڳوڻن فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته اپيلٽ ڪورٽ غلطي ڪئي ۽ درخواستگذار جي حقن کان انڪار ڪيو، شادي دوران حاصل ٿيندڙ ملڪيت ۾ زال جو حق تسليم ڪري سگهجي ٿو، شرط اهو آهي ته ان جي ڀائيواري ثابت ٿئي.
فيصلي ۾ واضح ڪيو ويو ته ڏاج ۽ ڪنوار کي ڏنل ذاتي تحفا مڪمل طور سندس ملڪيت هوندا آهن ۽ جيڪڏهن ڏاج جو سامان واپس نه ڪيو وڃي ته عورت ان جي متبادل قيمت حاصل ڪرڻ جي حقدار آهي.
عدالت حڪومت کي هدايت ڪئي ته عورتن جي مالي ۽ ملڪيتي حقن جي تحفظ لاءِ واضح قانون سازي ڪئي وڃي.
You might also like