ايران جنگ معاملي تي آمريڪي صدر ۽ فيلڊ مارشل ۾ رابطو، وائيٽ هائوس تصديق ڪري ڇڏي

واشنگٽن/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وائٽ هائوس ايران جنگ جي معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستاني آرمي چيف جنرل عاصم منير سان ٽيليفون تي ٿيل ڳالهه ٻولهه جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا لاءِ خاص نمائندي وٽڪوف ۽ صدر ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر جي اسلام آباد جي امڪاني دوري بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ چيو ته ” اهي حساس سفارتي ڳالهيون آهن، تنهنڪري آمريڪا ان معاملي تي ميڊيا ذريعي ڳالهيون نه ڪندو.“
ڪيرولين ليوٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته بدلجندڙ صورتحال دوران ملاقاتن بابت اڳڪٿين کي ان وقت تائين حتمي نه سمجهڻ گهرجي، جيستائين وائٽ هائوس طرفان باظابطا اعلان نه ڪيو وڃي.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن مختلف ميڊيا پليٽ فارمز تي رپورٽ ٿيو هو ته آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس، وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر امڪاني طور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ايران بابت ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا جي نمائندگي ڪندا.
ٻئي پاسي، پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ٻئي ڌريون (ايران ۽ آمريڪا) راضي آهن ته پاڪستان ٽياڪڙي جي ميزباني لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.