پي ايس ايل جو ترانو آهي يا پيپسي جو گانو؟ ” عاطف کان ته نصيبو لال به ڀلو ڳائيندي آهي“ واهپيدار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) پيپسي جي سهڪار سان 11هين ايڊيشن جو آفيشل ترانو” کيلين گي بيٽ پي“ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن رليز ٿيندي کي شوقينن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو ۽ سوشل ميڊيا اِهو بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي.
هن سال تراني ۾ ناليواري گلوڪار عاطف اسلم سان گڏ آئما بيگ، صابري سسٽرز(انعم ۽ صنم) ۽ ريپر دانيه ڪنول پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي.
عاطف اسلم ان کان اڳ به 2022ع واري پي ايس ايل تراني ”آگي ديک“ به ڳائي چڪو آهي، جڏهن ته آئما بيگ چوٿون ڀيرو ليگ جو ترانو ڳايو آهي.
سوشل ميڊيا تي واهپيدار پي ايس ايل تراني بابت مختلف تبصرا ڪري رهيا آهن، جتي ڪجهه ان کي جوش سان ڀرپور قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪجهه وري ان جي ڀيٽ ماضيءَ جي مشهور ترانن سان ڪري رهيا آهن.
حسن نالي واهپيدار چيو ته ”هي پي ايس ايل جي تاريخ جو هينئر تائين جو بهترين ترانو آهي.“
ارسلان جٽ لکيو ته ”مان هن تراني کي گاڏي ۾ وڏي آواز تي ٻيهر هلايو ته جيئن مناسب انداز ۾ جائزو وٺي سگهان، پر دانيا وارو حصو واقعي هڪ الڳ ليول جو آهي، باقي ترانو ايڏو متاثر ڪندڙ ناهي.“
فاطمه نالي واهپيدار تبصرو ڪندي چيو ته ”گروو ميرا کانپوءِ هنن ڪجهه سٺو ٺاهيو ئي ناهي.“
مهوش چيو ته ”هي پي ايس ايل جو ترانو گهٽ ۽ پيپسي جو اشتهار وڌيڪ لڳي ٿو. “
هڪ ٻئي واهپيدار جو چوڻ هو ته ”موسيقي، ڌن، آواز ۽ گرافڪس سڀ غير معمولي، پر گاني جا ٻول معمولي آهن.“
حسن زاهد موجب، ”پي ايس ايل جو ترانو هر سال بد کان بدتر ٿيندو پيو وڃي.“
هڪ ٻئي واهپيدار جو چوڻ هو ته”نصيبو لعل جو پي ايس ايل ۾ ڳايل ترانو هن کان گهڻو بهتر هو.“
زهرا نالي واهپيدار لکيو ته ” ”هر سيزن سان گڏ ترانو خراب ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته ٻولن واري پاسي ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي، رڳو بيٽ ۽ گوڙ رهجي ويو آهي.“
ڪيترن ئي واهپيدارن جو اهو به چوڻ هو ته نئون ترانو سٺو آهي، ماڻهو اجائي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪرڪيٽ جا ترانا ائين ئي هوندا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.