ڇا اوهان کي ڄاڻ آهي ته سمارٽ فون نوٽيفڪيشن جو آواز جڏهن دماغ تائين پهچندو آهي ته اهو ڪيترو اثرانداز ٿيندو آهي؟
حقيقيت ۾ فون جي نرم نوٽيفڪيشن ٽون توهان جي ذهن کي هر شيءِ وسارڻ تي مجبور ڪندي آهي.
اها دعويٰ نئين تحقيق ۾ آئي آهي. پرڏيهي جرنل ۾ ڇپجندڙ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جڏهن اسان کي ميسيج نوٽيفڪيشن ملندو آهي ته اها رنگ ٽون 7 سيڪنڊن تائين توجه هائي جيڪ ڪري ڇڏيندي آهي.
سولن لفظن ۾ 7 سيڪنڊن تائين اسان پنهنجي ڪم تي توجه ناهيون رکي سگهندا.
رپورٽ موجب جيئن اهو نوٽيفڪيشن ڪنهن ويجهي ماڻهو جو هوندو ته توجه جاري رکڻ ۾ اڃا وڌيڪ ڏکيائي ٿيندي.
ماهرن موجب دماغي توجه ڇروڇڙ ٿيڻ جا مختلف ڪارڻ آهن مثال نوٽيفڪيشن جو آواز يا ميسيج ڏسڻ جي خواهش.
هنن چيو ته بظاهر 7 سيڪنڊ وڌيڪ محسوس نٿا ٿين پر سڄي ڏينهن ۾ جيئن توهان کي 100 نوٽيفڪيشن اچن ٿا ته توهان اندازو لڳايو ته مجموعي دورانيو ڪيترو بيهي ٿو.
ان تحقيق ۾ يونيورسٽين سان واسطو رکندڙ 180 شاگردن کي شامل ڪيو ويو ۽ انهن کي ٽن گروپن ۾ ورهايو ويو. ٻن گروپن کي وڌيڪ نوٽيفڪيشن موڪليا ويا جڏهن ته ٽيئن گروپ کي گهٽ نوٽيفڪيشن موڪليا ويا.
نتيجن مان ثابت ٿيو ته جڏهن نوٽيفڪيشن فون تي اچي پيو ته شاگردن ۾ تفصيل حاصل ڪرڻ جي صلاحيت 7 سيڪنڊ تائين بيهي وئي ۽ اهڙو هر گروپ ۾ شامل شاگردن سان ٿيندو رهيو ، يعني گهٽ يا وڌيڪ نوٽيفڪيشن جي اچڻ سان دماغي توجه تي اثر ٿيئي پيو.