لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي چيو آهي ته آل رائونڊر ليام ليونگسٽن اڃا به انگلش ٽيم جي چونڊ لاءِ نظر ۾ آهي، جيتوڻيڪ هن تازي انٽرويو ۾ ٽيم مينيجمينٽ تي تنقيد ڪئي هئي.
واضح رهي ته نگلش ڪرڪيٽر ليام ليونگسٽن انڪشاف ڪيو هو ته گذريل هڪ سال دوران سندس انگلينڊ ٽيم جي مئنيجمينٽ سان رڳو ٻه ڀيرا مختصر فون ڪالز تي رابطو ٿيو.
ليام ليونگسٽن کي گذريل سال جي شروعات خراب ڪارڪردگي کانپوءِ انگلينڊ جي وائيٽ بال ٽيم مان ڊراپ ڪيو ويو هو.
هن مئنيجمينٽ تي الزام لڳايو هو ته بورڊ کيس مسلسل نظرانداز ڪري رهيو آهي، هاڻي سندس واپسي جا امڪان گهٽ آهن.
انٽرويو دوران هن چيو ته هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر راب ڪي جي دور ۾ ٽيم جو ماحول مايوس ڪندڙ رهيو.
ليام ليونگسٽن موجب، کيس چيو ويو ته هو گهڻي ڳڻتي ڪري ٿو، جڏهن ته ٽيم ۾ هڪ خاص ڌڙي کان ٻاهر رانديگرن جو خيال نه ڪيو ويندو آهي.
هن چيو هو چيمپئنز ٽرافي سندس ڪيريئر جو بدترين تجربو هئي ۽ کيس ڏنل ڪردار سندس صلاحيتن جو زيان هو.
سندس چوڻ هو ته گذريل سال مئي ۾ هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪلم فون ڪري ٻڌايو ته کيس ويسٽ انڊيز خلاف سيريز لاءِ ڊراپ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سليڪٽر ليوڪ رائيٽ يا ڪپتان هيري بروڪ طرفان ڪا وضاحت نه ڪئي وئي، رڳو هڪ ٽيڪسٽ پيغام مليو.
ياد رهي ته ته ليام ليونگسٽن ڪجهه مهينا اڳ انگلينڊ جي ڪپتاني به ڪري چڪو آهي، جتي هن ويسٽ انڊيز خلاف هڪ ميچ ۾ 124 رنس جي شاندار اننگز کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏياري هئي.
ٻئي پاسي راب ڪي ان تاثر کي رد ڪندي چيو ته هر رانديگر کي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي.
انگلينڊ ڪرڪيٽ ڌڙابندي جو شڪار، ليونگسٽن جا ميڪلم ۽ بورڊ تي سنگين الزام، راب ڪي به خاموشي ٽوڙي ڇڏي
You might also like