وزيراعظم جو ايراني صدر سان رابطو، پاڙيسرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ ڳالهين تي زور

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي تازي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏيوٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ايراني صدر ۽ برادر ايراني عوام کي عيدالفطر ۽ نوروز جون مبارڪون ڏنيون، جنهن تي ايراني صدر پاران به پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم جاري ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بهادر ايراني عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم خطي ۾ وڌندڙ خطرناڪ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي زور ڏنو ته ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاريءَ جي فوري ضرورت آهي ته جيئن معاملن کي پرامن طريقي سان حل ڪري سگهجي. وزيراعظم ان موقعي تي مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته موجوده حالتن ۾ هم آهنگي اڻٽر آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته خطي جي امن ۽ استحڪام لاءِ ضروري آهي ته سمورن اختلافن کي پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ نقصان کان بچي سگهجي. هن ايراني قيادت کي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ تعميري ڪردار ادا ڪرڻ جاري رکندو. ايراني صدر وزيراعظم جي جذبن جو گرمجوشي سان جواب ڏيندي پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کي ساراهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.