وڏي وزير پاران ننڍن آبادگارن کان ڪڻڪ جي ترت خريداري جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته فوري طور گدامن جي فوميگيشن (جراثيم ڪشي) شروع ڪئي وڃي ۽ نئين ڪڻڪ جي فصل جي خريداري جو عمل پڻ شروع ڪيو وڃي، خاص طور انهن ننڍن آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ تي ڌيان ڏنو وڃي جن کي حڪومت طرفان ٻج تي سبسڊي ڏني وئي هئي، هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ زراعت کاتي ۽ خوراڪ کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون، اجلاس ۾ صوبائي خوراڪ وارو وزير مخدوم محبوب الزمان، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽو سي ايم آصف جميل شيخ، سيڪريٽري خوراڪ عباس نائچ، ڊي جي زراعت الھورايو رند، ڊائريڪٽر خوراڪ الله ڏنو چنو ۽ ٻين عملدار شرڪت ڪئي، وڏي وزير زور ڀريو ته حڪومت جي پهرين ترجيح ننڍن آبادگارن جي مدد ڪرڻ ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۽ ذخيرن جي نظام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس دوران خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان وڏي وزير کي ٻڌايو ته جولاءِ 2025ع تائين 13 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ جو ذخيرو موجود هو، جنهن جو گهڻو حصو مارڪيٽ ۾ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجھھ مقدار اڃا باقي آهي. وڏي وزير باقي رهيل ذخيري جو نوٽيس وٺندي خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته ترت باقي ڪڻڪ وڪرو ڪئي وڃي ته جيئن مارڪيٽ مستحڪم ٿئي ۽ نئين خريداري لاءِ گودامن ۾ جڳهه پيدا ٿي سگهي، سيد مراد علي شاهه عملدارن کي اهو پڻ چيو ته سڀني ڪڻڪ جي گودامن جي صفائي ۽ فوميگيشن کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن اناج کي محفوظ ۽ صحتمند طريقي سان ذخيرو ڪري سگهجي. نئين ڪڻڪ جي فصل جي خريداري بابت ڳالهائيندي وڏي وزير خوراڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته فوري تياري شروع ڪئي وڃي ۽ خريداري جي عمل ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ڪئي وڃي. هن وڌيڪ فيصلو ڪيو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ ننڍن آبادگارن کي ترجيح ڏني وڃي، وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته حڪومت لڳ ڀڳ 13 لک ننڍن آبادگارن کي ٻج تي سبسڊي ڏني آهي، جيڪي هڪ کان 25 ايڪڙ زمين جا مالڪ آهن، ۽ زراعت کاتي وٽ انهن جو مڪمل ڊيٽا موجود آهي، سيد مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته باردانو (ٻوريون) جي ورڇ مستند هارين جي ڊيٽا مطابق سختي سان ڪئي وڃي ته جيئن خريداري جي عمل ۾ ننڍن هارين کي ترجيح ملي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.