سري نگر (م ڊ) والاريل ڪشمير ۾ ايران سان ٻڌي جو اظهار، شهرين طرفان سون، چاندي، گاڏيون ۽ نقدي عطيو، آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي پس منظر ۾ ڪشميري شهرين طرفان ايران سان ٻڌي جو اظهار ڪيو يو، پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سرينگر جي علائقي خميني چوڪ تي شهرين ايران جي حمايت ۾ سون، چاندي ۽ نقدي عطيا ڪيو، رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن گاڏيون، موٽرسائيڪلون، ٽامي جا ٿانو ۽ پلاٽ پڻ عطيي طور ڏنا، بڊگام ۽ ٻين مسلمان اڪثريتي علائقن ۾ مسجدن ٻاهران عطيا گڏ ڪرڻ لاءِ اسٽال قائم ڪيا ويا، جتي زيور، نقدي، ٽامي جا ٿانو ۽ چوپايو مال به جمع ڪيو ويو، بڊگام سان تعلق رکندڙ هڪ شخص موجب مسجد امام زمان ۾ نيت سان عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳايو ويو، جتي مائرون ۽ ڀينرون زيور، ٽامو ۽ نقد رقم ڏئي رهيون آهن ته جيئن ايران جي موجوده صورتحال ۾ مدد ڪري سگهجي.