نيويارڪ/لنڊن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي پاور پلانٽن تي امڪاني حملا 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ وڏي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. عالمي صورتحال ۾ ان اهم اڳڀرائي سبب تيل جي قيمت 10 سيڪڙو تائين گهٽجي وئي آهي، جنهن سان عالمي معيشت تي وڌندڙ دٻاءُ ۾ گهٽتائي جي اميد پيدا ٿي آهي. صدر ٽرمپ جي بيان کانپوءِ مارڪيٽ ۾ تيزي سان تبديلي آئي، جنهن جي نتيجي ۾ برينٽ ڪروڊ جي قيمت 14 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي بعد 96 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي. اهڙي طرح ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ پڻ گهٽجي 84.37 ڊالر في بيرل جي سطح تي پهچي ويو آهي. معاشي ماهرن موجب، سيڙپڪارن آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جي اميد تي پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڳالهين جو عمل جاري رهيو ته خطي ۾ استحڪام ايندو.