ملير، ڀينس ڪالوني ۾ عورت ۽ مرد قتل، 2 جوابدار گرفتار

ملير (ڊ.ر) ڀينس ڪالوني ۾ ٻٽو قتل، 2 جوابدار گرفتار، ملير جي علائقي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 5 ڀرسان هڪ گهر مان هڪ عورت ۽ هڪ مرد جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، اطلاع ملڻ تي سکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتا، پوليس موجب هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ 32 ورهين جي عورت ايدل زال عرفان شر ۽ مرد صدر جي نالن سان ٿي آهي، شروعاتي جاچ موجب واقعو غيرت جي نالي تي پيش آيو آهي، ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدار عرفان شر ۽ سندس ڀاءُ وحيد شر کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدار عرفان شر قتل ٿيل عورت ايدل جو مڙس آهي، گرفتار جوابدار عرفان پوليس آڏو پنهنجي اعترافي بيان ۾ ٻڌايو ته هن پنهنجي ڀاءُ سان گڏجي پنهنجي زال کي هڪ غير مرد سان گڏ ڏسي غيرت ۾ اچي ڇرين جا وار ڪري ٻنهي کي قتل ڪيو، پوليس لاشن کي ضروري ڪارروائي بعد جناح اسپتال منتقل ڪيو جتان لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، گرفتار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.