لاهور (م ڊ) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري مشير راڻا ثناءُ الله انڪشاف ڪيو آهي ته پيپلز پارٽي سان اين ايف سي ايوارڊ بابت ڳالهيون هلي رهيون آهن ۽ جيڪڏهن اتفاقِ راءِ ٿي ويو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ 28هين آئيني ترميم آندي ويندي. خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪندي نون ليگ جي اڳواڻ چيو ته پيپلز پارٽي سان اڍائي سالن جي اقتدار جي ورهاست وارو ڪو به فارمولا طئي ناهي ٿيو. راڻا ثناءُ الله ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته مسلم ليگ ن ۽ پيپلز پارٽي جي وچ ۾ اقتدار جي ورهاست جو ڪو اڍائي سالا فارمولا طئي ٿيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سان 17 کان 18 نقطن تي ٻڌل هڪ معاهدو ٿيل آهي، جنهن تي اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ ڪميٽي باقاعدگي سان اجلاس ڪندي آهي. هن وقت تائين پيپلز پارٽي جي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ بابت ڪو فيصلو ناهي ٿيو. آئيني ترميمن بابت ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته 2026ع ۾ 28هين آئيني ترميم اچي سگهي ٿي، شرط اهو آهي ته اتحادين ۾ اتفاقِ راءِ پيدا ٿئي. اسان جي اها راءِ آهي ته ملڪي نصاب، صحت جي معيار ۽ فوڊ اسٽينڊرڊز کي مرڪز جي اختيار ۾ هجڻ گهرجي ته جيئن پوري ملڪ ۾ هڪجهڙائي رهي. هن واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي جي مرضيءَ کانسواءِ ڪا به ترميم بلڊوز نه ڪئي ويندي. چونڊن جي حوالي سان هن چيو ته 2029ع جي چونڊن بابت اڃا ڪا حڪمت عملي طئي ناهي ٿي، پر ملڪ جي موجوده امن امان جي صورتحال، خاص طور تي ايران ۽ افغانستان جي سرحدن تي ڇڪتاڻ کي ڏسندي وقت کان اڳ چونڊون ممڪن ناهن. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿيون ته چونڊون هڪ سال اڳتي به وڌائي سگهجن ٿيون. نوجوانن بابت سندس چوڻ هو ته نوجوان حڪومت کان ناراض آهن، جيڪا هڪ فطري ڳالهه آهي، پر اهو تاثر غلط آهي ته اهي پي ٽي آءِ جي حمايت ڪن ٿا. ن ليگ ايندڙ چونڊن ۾ نوجوان نسل کي پاڻ سان ملائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندي. مسلم ليگ ن جي مستقبل جي قيادت مريم نواز ۽ حمزه شهباز هوندا، جيڪي ايندڙ وقت ۾ پارٽي کي ليڊ ڪندا. راڻا ثناءُ الله سياستدانن جي موجوده حالت تي تبصرو ڪندي چيو ته سياستدان ان ڪري طاقتور ناهن جو اهي اڃا تائين ”رولز آف گيم“ طئي ناهن ڪري سگهيا، هتي هڪ سياستدان ٻئي سياستدان جو دشمن بڻيل آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عام چونڊن ۾ مسلم ليگ ن کي واضح اڪثريت ملي ها ته ميان نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هجي ها. پي ٽي آءِ باني عمران خان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان کي اپريل 2023ع ۾ ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي هئي، هو ڊيل ته چاهي ٿو پر سندس ضِد آهي ته هو رڳو اسٽيبلشمينٽ سان ويهي ڳالهيون ڪندو. راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته نوجوان طبقو پي ٽي آءِ سان گڏ ناهي پر اهي موجوده حڪومت کان ناراض ضرور آهن، جنهن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.