ون ويلنگ: ۽ خاموش انتظاميا

تحرير: حاڪم علي چانڊيو

ون ويلنگ ڪجهه نوجوانن لاءِ اهو صرف هڪ اسٽائل يا ايڊوينچر آهي، پر حقيقت ۾ اهو موت سان کيڏڻ جو نالو آهي. هڪ ڦيٿي تي ڊوڙندڙ موٽر سائيڪل، تيز رفتار، ڪنٽرول کان ٻاهر توازن اهي سڀ عنصر گڏجي اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪن ٿا، جتي هڪ معمولي غلطي به زندگي ۽ موت جي وچ ۾ فرق بڻجي سگهي ٿي. روڊ، جيڪي سفر جي سهولت لاءِ ٺهيا آهن، جڏهن انهن تي اهڙي بي احتياطي جو مظاهرو ٿئي ٿو، ته اهي ئي روڊ حادثن جا ميدان بڻجي وڃن ٿا. ون ويلنگ صرف قانون جي ڀڃڪڙي ناهي، پر اها انساني زندگيءَ سان کليل مذاق آهي هڪ اهڙو مذاق، جنهن جي پڄاڻي اڪثر رت، زخمن ۽ پشيماني ۾ ٿئي ٿي.

بدقسمتي سان، هي خطرناڪ رجحان هاڻي سنڌ جي هر شهر ۾ وبا جيان پکڙجي چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب لاڙڪاڻي ۾ ٻن ڏينهن اندر 800 کان وڌيڪ نوجوان هن جنون جو شڪار ٿي زخمي ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪيترائي نوجوان پنهنجي جسم جا اهم عضوا به وڃائي ويٺا آهن. اسپتالن ۾ داخل نوجوانن جا منظر، سندن والدين جون آليون اکيون، ۽ ڊاڪٽرن جي بي وسي اهي سڀ هڪ اهڙي ڪهاڻي ٻڌائين ٿا، جيڪا اسان جي سماج جي ناڪاميءَ جو ثبوت آهي. هي رڳو انگ اکر نه آهن، پر هر هڪ انگ پٺيان هڪ ٽٽل خواب، هڪ اجڙيل گهر ۽ هڪ ختم ٿيندڙ مستقبل لڪل آهي.

وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته اهي موٽر سائيڪلون عام نه هيون، پر واضح طور تي ون ويلنگ لاءِ تيار ڪيل لڳي رهيون هيون. نه بيڪ لائيٽ، نه مڊگارڊ، نه هيلمٽ نه ڪو حفاظتي خيال ڄڻ ته انهن کي روڊ لاءِ نه، پر خطري لاءِ تيار ڪيو ويو هجي. سوال اهو آهي ته اهي بائيڪس آخر ڪٿان اچي رهيون آهن؟ ڇا اهي نوجوان انهن بائيڪن کي گهر ۾ نه ڪاهي ويندا هوندا؟ جيڪڏهن ڪاهي ويندا هوندا، ته پوءِ والدين جي اکين کان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن لڪيل رهي ٿو؟ ڇا اسان جو سماج هاڻي ايترو بي حس ٿي ويو آهي، جتي اولاد جي اهڙي خطرناڪ سرگرميءَ کي به نظرانداز ڪيو وڃي ٿو؟

روڊن تي هلندڙ اهي منظر هاڻي هڪ ننگو ناچ بڻجي چڪا آهن، جتي قانون جي بالادستي نظر نٿي اچي. نوجوان بي خوف ٿي، ڪنهن به روڪ ٽوڪ کانسواءِ، پنهنجي جان ۽ ٻين جي زندگين سان کيڏي رهيا آهن. ۽ ان سڄي صورتحال ۾ سڀ کان وڌيڪ افسوسناڪ ڳالهه آهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي خاموشي. پوليس، جنهن جو ڪم قانون تي عمل ڪرائڻ آهي، اها يا ته نظر نٿي اچي يا وري نظرانداز ڪري رهي آهي. جيڪڏهن شهر جي اهم رستن تي ڏينهن ڏٺي جو اهڙا خطرناڪ عمل ٿين ٿا، ته پوءِ اهو سوال لازمي ٿو پيدا ٿئي ته آخر قانون جي عملداري ڪٿي آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.