مضبوط بالنگ، ڪمزور بيٽنگ: ”اسلام آباد يونائيٽيڊ“ ڇا چوٿون ڀيرو ٽائيٽل کٽي سگهندي؟

اسلام آباد يونائيٽيڊ گذريل سيزن ۾ شاندار شروعات ڪئي ۽ پهريان پنج ميچون کٽيون، جنهن کانپوءِ لڳو ته هو ٽائيٽل جو دفاع ڪري ويندا، پر ان وچ ۾ لاڳيتو چار ميچ هارائي ويئي، پوءِ آخري گروپ ميچ کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آئي، پر ڪواليفائرز ۾ ناڪام رهي.
ٽيم جي خراب ڪارڪردگي جو سبب پليئنگ اليون ۾ بار بار تبديليون ۽ روٽيشن پاليسي قرار ڏني وئي.
اسلام آباد يونائيٽيڊ پي ايس ايل جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ 61 ميچ کٽيندڙ ٽيم آهي.
طاقت
ٽي ڀيرا عالمي چيمپيئن رهندڙ ٽيم وٽ مضبوط ۽ ورسٽائل فاسٽ بالنگ اٽيڪ آهي، جنهن ۾ سلمان مرزا، سلمان ارشاد، رچرڊ گليسن، محمد حسنين ۽ فهيم اشرف شامل آهن، جيڪي نئين ۽ پراڻي بال سان بهترين بالنگ ڪري سگهن ٿا، خاص طور يارڪر ۽ آف ڪٽرز ۾ مهارت رکن ٿا.
فهيم اشرف جي واپسي ٽيم لاءِ اهم آهي، جيڪو فاسٽ بالنگ سان گڏ جارحاڻي بيٽنگ به ڪري سگهي ٿو.

ڪمزوريون
ٽيم جو اسپن بالنگ وارو شعبو ڪمزور نظر اچي ٿي، ڇو ته شاداب خان ۽ عماد وسيم هاڻي اڳ جيان اثرائتا ناهن رهيا، جڏهن ته مهراڻ ممتاز نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ رڳو 3 وڪيٽون وٺي سگهيو هو.
بيٽنگ لائن اپ ۾ به وڏي ڦيرڦار ٿي آهي، ڇو ته صاحبزادا فرحان، ايلڪس هيلز، رسي ون ڊر ڊسون ، سلمان علي آغا ۽ اعظم خان هاڻي ٽيم جو حصو ناهن رهيا.
نئين بيٽنگ لائين اپ کي جارحاڻي انداز ۾ ترتيب ڏيڻ ٽيم لاءِ هڪ وڏو چئلينج ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.