بيت المقدس (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم بنيامن نيتن ياهو پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي. هن عراد ۽ ديمونا جي علائقن تي ايراني بيلسٽڪ ميزائل حملن کانپوءِ شهرين کي سختي سان هدايت ڪئي آهي ته هو ڪنهن به قسم جي لاپرواهي کان پاسو ڪن. پنهنجي خطاب ۾ نيتن ياهو چيو ته حملي جو الرٽ جاري ٿيڻ بعد شهرين کي گهرجي ته هو بنا دير محفوظ هنڌن تي منتقل ٿي وڃن ته جيئن جاني نقصان کان بچي سگهجي. نيتن ياهو انڪشاف ڪيو ته عراد تي حملي دوران الرٽ ملڻ ۽ ميزائل ڪرڻ جي وچ ۾ 10 منٽن جو وقفو هو، پر ان جي باوجود ميزائل عمارتن جي وچ ۾ اچي ڪريا. هن چيو ته جيڪڏهن ماڻهو وقت تي محفوظ پناهه گاهن ۾ هليا وڃن ها ته ڪنهن کي به نقصان نه پهچي ها. اسرائيلي وزيراعظم انهن حملن ۾ ڪنهن به موت نه ٿيڻ کي معجزو قرار ڏنو، جيتوڻيڪ اسرائيلي اختيارين اڳ ئي انهن علائقن ۾ 160 کان وڌيڪ ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪري چڪا آهن.