23 مارچ پاڪستان جي آزاد مستقبل جو ڏينهن

مشتاق علي لنڊ

پاڪستان ۾ هر سال 23 مارچ جو ڏهاڙو پوري قوم، وڏي عقيدت ، محبت ۽ جوش ۽ جذبي سان ملھائيندي آھي جيڪا ھن سال  جنگي صورتحال سبب سادگي سان ملھائيندي. 23 مارچ جڏهن 1940 ۾ برصغير جي مسلمانن هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي، جنهن کي "قراردادِ پاڪستان” چيو ويندو آهي .

اهو ڏينهن هڪ عزم ۽ ارادي جو ڏينهن هو، جڏهن مسلمانن پنهنجي جدا سڃاڻپ، تھذيب، ثقافت ۽ عقيدي جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ حاصل ڪرڻ جو عزم ڪيو . قراردادِ پاڪستان جيڪا لاھور ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي، ان جو مقصد هڪ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ هو ، جتي مسلمان پنهنجي زندگيءَ جي هر رخ ۾ آزاد ۽ خودمختيار هوندا . اهو ڏينهن تاريخ ۾  ھڪ عزم، همت ۽ اُميد جو عملي مظھر آهي . قراردادِ پاڪستان  هڪ دستاويزي تحرير هئي، جنهن ۾ هر پاڪستاني جي دل ۾ آزاديءَ جي خوابن جو عزم موجود هو. تاريخ ۾ اهڙا واقعا به هوندا آهن، جڏهن جدوجھد ۽ آرزو سان  ملڪ ۽ قوم جو تقدير بدلڻ جو فيصلو هوندو آهي. 23 مارچ، 1940 کان وٺي ، اسان جا بزرگ، نوجوان، مرد عورت  ۽ اسان جا اڳواڻ جن پنھنجي نظريي، جدوجھد ۽ محنت  سان ھڪ خواب ڏٺو هو، ان جو نتيجو اڄ اسلامي جمھوريه پاڪستان جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.

23 مارچ جو ڏينهن هڪ تاريخي ڏھاڙو آهي ، جنهن ۾ اسان پنهنجي قوم جي عظمت ۽ انفراديت جو جشن ملهائيندا آهيون ۽ ساڳئي وقت پنهنجي ماضي کي ياد ڪري پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ جو عزم  ڪندا آهيون. ھن وقت اسان کي پنهنجي وطن ۽ قوم لاءِ هڪ جرئت ۽ وفاداري جي اهميت کي سمجهڻ ۽ ان ۾ اضافو ڪرڻ جي ضرورت آهي . اسان جي محنت ، اُميد ۽ قوميت جو سفر ، 23 مارچ جي ڏينهن کان هميشه لاءِ جاري رهندو . 23 مارچ 1940، پاڪستان جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ سونھري ڏينهن آهي، جيڪو قوم لاءِ نئين اُميد ۽ زندگيءَ جي نئين شروع ٿيندڙ سفر جي علامت بڻيو . 23 مارچ 1940 تي ، آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس لاھور ۾ ٿيو ، جتي محمد علي جناح رح جي اڳواڻي ۾ مسلمانن پنهنجي علائقائي جدا حيثيت ۽ خودمختياري لاءِ قرارداد منظور ڪئي. ان قرارداد ۾ پاڪستان جي علائقن جي جوڙجڪ ۽ ان جي خودمختياري جو اصول پيش ڪيو ويو . پهريون دفعو لفظ "پاڪستان” جو استعمال ٿيو . لفظ "پاڪستان” جو مطلب آهي "پاڪ سرزمين”، جيڪو بعد ۾ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي طور تي پاڪستان جي سڃاڻپ بڻيو .

قراردادِ پاڪستان ۾ مسلمانن پنهنجي الڳ وطن جو مطالبو ڪيو ، جنهن ۾ انهن جي مذهبي ، ثقافتي ۽ سماجي حقن جي حفاظت ٿي سگهي . اهو مطالبو هندو مسلم فسادن ، ثقافتي تضادن ۽ سياسي عدم توازن کان پوءِ ڪيو ويو ، جڏهن مسلمانن محسوس ڪيو ته انڊيا ۾ پنهنجا حق محفوظ نٿا ٿي سگهن . جڏهن قراردادِ پاڪستان منظور ٿي، ان وقت برطانوي گورنر جنرل لارڊ مائونٽ بيٽن ان جي مخالفت ڪئي. مسلمانن جي حوصلن ، جدوجهد ۽ قربانين سان 1947 ۾ انگريزن کان نجات ۽ انڊيا کان پاڪستان جي آزادي ممڪن ٿي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.