عيدالاضحيٰ ڪڏهن ٿيندي؟ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس

عيدالاضحيٰ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو.

مذهبي معاملن جي کاتي موجب رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ ٿيندو

اڄ عيد جو چنڊ نظر اچڻ جي صورت ۾ عيدالاضحيٰ اربع 27 مئي تي ٿيندي، جيئن چنڊ نظر نه آيو ته عيدالاضحيٰ 28 مئي خميس واري ڏينهن ملهائي ويندي.

ٻي پاسي سعودي سپريم ڪورٽ به اڄوڪي ڏينهن شام جو چنڊ ڏسڻ جي اپيل ڪئي آهي.

سعودي سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته ڪنهن به ماڻهو کي عيدالاضحيٰ جو چنڊ اچي ته گواهي رڪارڊ ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.