عالمي حالتون ۽ سنڌ جي موجوده صورتحال

ادريس چانڊيو

پاڪستان جي ڀر ۾ جنگ ھلي رھي آھي، جيڪا اسرائيل ايران تضاد کانپوءِ ايران،عرب جنگ جي ڀيانڪ شڪل ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي .ھر دور جي جنگ قومي مفادن جي دائري ۾ وڙھي ويندي آھي، ھي جنگ به پڻ قومن ۽ رياستن مٿان قابض سامراجي ڦورو گروھن جي وچ ۾ جنگ آھي. مذھب عقيدو آھي ۽ اھڙو روحاني تعلق جيڪو فرد ۽ خدا جي وچ ۾ سڌو رشتو قائم رکي ٿو.

مذھبي رياستن ۽ مسلم اڪثريتي معاشرن جو وجود زوال جي ويجھو وڃي رھيو آھي. عرب-ايران-پاڪستان ۽ افغانستان جي رياستن جو مذھب ته ساڳيو آھي پر ھو ھڪ ڇو نه آھن؟؟ پاڪستان جي جنگ دروازي تي بيٺل آھي ۽ ڪنھن به وقت باھ ڀڙڪي سگھي ٿي، ھن وقت ملڪي سطح تي صورتحال وڌيڪ مونجھاري جو شڪار ٿي رھي آھي. اھم سوال ھي آھي ته ھن وقت ڪير پھريان پاڪستاني آھي يا شيعه سني؟ ھن وقت ۽ ھن موقعي تي درست ڪير آھي، حافظ يا ذاڪر؟ غير مقبول حڪومت کي اڄ يا سڀاڻي غير مقبول فيصلا ڪرڻا پوندا.پوءِ ھن ملڪ جو غريب عوام متحد رھندو يا منتشر؟

اھڙي صورتحال ۾ پنڊي، پارليامينٽ،قومي صوبن ۽ مذھبي اڳواڻن کي گڏيل صلاح سان فيصلا ڪرڻ گھرجن. ڇو ته جنگ کان بچڻ ئي دانائي ھوندي ڇو ته ھيءَ  جنگ مذھب جي جنگ ناھي پر وسيلن ۽ جيو پاليٽڪس تي قبضي جي جنگ آھي. ھن جنگ ۾ عرب رياستن تي حملا نامناسب آھن. ڀارت، چين ۽ روس ھڪ ڌر يعني ايران جا سھڪاري رھيا آھن. ڇا ھن جنگ ۾ شامل سگھاري ڌر کي اھو حق حاصل ھوندو ته ڇا ھو ڀارت، چين ۽ روس تي حملا ڪري سگھي؟

جيتوڻيڪ ھلندڙ جنگ مان فائدو روس، چين ۽ ڀارت کي پھتو آھي. ايران-اسرائيل جنگ دوران جڏھن دنيا جو عوام عدم تحفظ جو شڪار آھي دنيا ۾ انرجي جو بحران پيدا ٿي پيو آھي. ھر ماڻھون نفسياتي جنگ جو شڪار آھي ٽين عالمي جنگ اٺ ارب انسانن کي موت جو پيغام ڏئي رھي آھي. اھڙي وقت بدقسمتي سان سنڌ جي باشعور حلقي منجھه مائي ماروي ميمڻ تي بحث ھلي رھيو آھي

مائي ماروي  ميمڻ وٽ صرف سياسي خواھش آھي ۽ اھڙي ريت نصير ميمڻ، انعام شيخ ۽ محسن ٻٻر وغيره وغيره وٽ سياسي ۽ نظرياتي سادگي کان سوا۽ ڪجھه به ناھي .سنڌ جي سياست خواھش، ضد ۽ ذھني پسماندگي جي راند ناھي. اسان جھڙن ڪارڪنن کان پڇيو وڃي ته سياست ڇا آھي؟

سياست رياست جي علم سان گڏ ڀٽي جي ڦاھي، جي ايم سيد جو ستاويھن سالن جو جيل ۽ نظربندي، الله بخش سومرو، بينظير ڀٽو ۽ نظير عباسي جي شھادت آھي. پيٽ بکين ڪارڪنن لاءِ ٽانڊن وارو ماتم آھي. نام نهاد دانشورن وٽ اجايو بحث سنڌ جي عوام سان مذاق آھي. سياست، منظم سياسي پارٽي کانسواءِ دانشوري ڪردار کانسواءِ ڪا به معني نٿي رکي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.