23 مارچ 1940ع واري ٺهراءُ جي بنيادي مقصد تي عمل ڪرڻ جي ضرورت

23 مارچ 1940ع  ۾ قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ بنگال جي وزيراعظم اي ڪي فضل الحق ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ واضح طور تي چيو ويو ته برصغير جي اتر ۽ اوڀر وارن علائقن ۾ جتي مسلمان اڪثريت ۾ آهن، انهن کي آزاد ۽ خودمختيار رياست جي صورت ۾ منظم ڪيو وڃي، ان وقت برصغير جي سياسي صورتحال انتهائي پيچيده هئي. انگريزن جي نوآباديتي حڪمراني هيٺ، هندو ۽ مسلمان سياسي قوتن جي وچ ۾ اختلاف موجود هئا. هندو اڪثريت ۽ مسلمان اقليت جي صورتحال اهڙي هئي ته جيڪڏهن هڪ گڏيل هندستان قائم ٿئي ها، ته مسلمان سياسي، ثقافتي ۽ معاشي طور ڪمزور ٿي وڃن ها. اهڙي پس منظر ۾ مسلم ليگ جي اڳواڻن اهو نتيجو ڪڍيو ته مسلمانن لاءِ هڪ الڳ سياسي بندوبست ئي سندن حقن جي ضمانت ڏئي سگهي ٿو. پر جڏهن اسان 23 مارچ جي تاريخي اهميت تي نظر وجهون ٿا، ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان ٺهراءُ جي روح کي واقعي سمجهيو ويو؟ ڇا اهو رڳو هڪ الڳ ملڪ ٺاهڻ جي ڳالهه هئي يا ان کان اڳتي هلي هڪ اهڙي رياست جي تعمير جو تصور به ان ۾ شامل هو جتي انصاف، برابري، جمهوريت ۽ عوامي خوشحالي جا اصول نمايان هجن؟

حقيقت اها آهي ته 23 مارچ جي ٺهراءُ جو بنيادي مقصد رڳو سياسي آزادي حاصل ڪرڻ نه هو، پر هڪ اهڙي معاشري جي بنياد رکڻ به هو جتي مختلف قوميتن، ٻولين ۽ ثقافتن کي عزت سان گڏ رهڻ جو موقعو ملي. ان وقت جي سياسي قيادت بار بار اهو چئي رهي هئي ته مسلمانن جي آزادي جو مطلب ڪنهن ٻئي قوم يا مذهب جي خلاف نفرت پيدا ڪرڻ نه آهي، پر اهو هڪ اهڙو نظام قائم ڪرڻ آهي جتي هر ماڻهو کي پنهنجي سڃاڻپ سان زندگي گذارڻ جو حق حاصل هجي. پر جڏهن اسان اڄ جي پاڪستان ڏانهن نظر وجهون ٿا ته ڪيترائي سوال ذهن ۾ اچن ٿا. ڇا اسان ان خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون جيڪو 23 مارچ 1940ع جي ٺهراءُ ۾ پيش ڪيو ويو هو؟ ڇا اسان وٽ اهڙي جمهوريت موجود آهي جيڪا عوام جي خواهشن جي عڪاسي ڪري؟ ڇا معاشي انصاف ۽ سماجي برابري جو اهو تصور حقيقت بڻجي سگهيو آهي جيڪو پاڪستان جي قيام جي بنيادي فڪر ۾ شامل هو؟

گذريل ڏهاڪن ۾ پاڪستان ڪيترن ئي ڏکيائين ۽ بحرانن کي منهن ڏنو آهي. معاشي طور تي، ملڪ قرضن ۽ عالمي مالي ادارن جي دٻاءَ ۾ آهي ۽ عام ماڻهو پيٽروليم، بجلي ۽ گيس جي وڌندڙ اگهن سبب پريشاني ۾ ورتل آهي. سياسي طور تي، پارٽيون ۽ ادارا پاڻ ۾ ڇڪتاڻ رکن ٿيون، جنهن جو نقصان آخرڪار عوام جو  ٿئي ٿو. مڪاني ادارن ۾ ڪمزور انتظام، تعليم ۽ صحت تي گهٽ ڌيان، معاشي ناانصافي ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ وڌندڙ تڪليفون اهو ظاهر ڪن ٿيون ته 23 مارچ جي اصل مقصد کي زنده رکڻ لاءِ وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي. عوام جي توقع آهي ته قائداعظم جي نظريي مطابق هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو وڃي جيڪو انصاف، برابري، جمهوريت ۽ خوشحالي تي مبني هجي.

پاڪستان جي قيام ۾ عوام جي قربانين جو وڏو حصو هو  انهن قربانين جو اصل مقصد اهو هو ته عوام آزادي، خودمختياري ۽ انصاف سان زندگي گذاري سگهي23  مارچ جو اصل مصقد اهو آهي ته قومون تڏهن مضبوط ٿينديون آهن جڏهن انهن وٽ واضح مقصد، سياسي شعور ۽ قومي عزم موجود هجي. جيڪڏهن ملڪ اندر انصاف، برابري ۽ شفافيت موجود نه هوندي، ته ملڪ اندر بي يقيني، انتشار ۽ سماجي افراتفري وڌندي. اسان جي خيال ۾ 23 مارچ جو بنيادي مقصد اهو آهي ته عوام جي خدمت، معاشي انصاف، سماجي ترقي ۽ بنيادي حقن جي تحفظ کي رياست جي هر فيصلي ۾ ترجيح ڏني وڃي. جيڪڏهن اسان اهو نه ڪنداسين ته ملڪ اندر عدم استحڪام، غربت ۽ سماجي ناانصافي وڌندي ۽ قائداعظم جو خواب اڌورو رهجي ويندو.

افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ به ملڪ ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي. معاشي بحران، سياسي عدم استحڪام، ادارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ ۾ وڌندڙ مشڪلاتون اهو واضح ڪن ٿيون ته اسان کي اڃا گهڻو سفر طئي ڪرڻو آهي. جيڪڏهن اسان واقعي 23 مارچ جي روح کي سمجهون ته اهو ڏينهن رڳو جشن ۽ پريڊ جو نه، پر احتساب جو ڏينهن پڻ هجڻ گهرجي.  پاڪستان هڪ گهڻ قومي، گهڻ لساني ۽ گهڻ ثقافتي ملڪ آهي. سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون، سرائڪي ۽ ٻين قوميتن جي گڏيل جدوجهد سان هي ملڪ ٺهيو آهي. تنهن ڪري رياست جي ذميواري آهي ته سڀني قوميتن کي برابر عزت ۽ حق ڏئي. جيڪڏهن ڪنهن به قوميت کي اهو احساس ٿئي ته ان سان ناانصافي ٿي رهي آهي  ته پوءِ قومي اتحاد ڪمزور ٿي ويندو. 23 مارچ جو پيغام اهو آهي ته ملڪ ۾ انصاف ۽ برابري کي يقيني بڻايو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.