ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بچت مهم تحت 60 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن.
سنڌ ڪابينا جي ماتحت بچت مهم ڪميٽي جي اجلاس دوران شرجيل ميمڻ چيو ته 47 کان وڌيڪ کاتن جون گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن ۽ 2 هزار 837 گاڏين مان 1 هزار 524 گاڏيون گرائونڊ ڪيون ويون آهن.
هن چيو ته گرائونڊ ڪيل گاڏين صحت، ناڻي، اسڪول ايجوڪيشن، توانائي ۽ اينٽي ڪرپشن کاتن جون گاڏيون پڻ شامل آهن، جڏهن ته ڪجهه کاتن ۾ اهو انگ 65 سيڪڙو کان به وڌيڪ آهي.
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ڪجهه کاتن ۾ سموريون گاڏيون ئي گرائونڊ ڪيون ويون آهن ۽ اهو فيصلو ٻارڻ جا خرچ گهٽائڻ لاءِ ڪيو ويو آهي، حڪومت سختي سان بچت پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي.