لنڊن (ويب ڊيسڪ) ٽرمپ جي ڌمڪين کانپوءِ آمريڪي اتحادين يو ٽرن وٺندي آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، نيڌرلينڊز، جپان ۽ ڪئناڊا جي اڳواڻن ڪجهه ڪلاڪ اڳ هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ ايران تي زور ڏنو ويو آهي ته هو پنهنجي ڌمڪين، بارودي سرنگهون وڇائڻ، ڊرون ۽ ميزائل حملن ۽ آبناءِ هرمز کي بند ڪرڻ جون ڪوششون فوري طور بند ڪري.
جاري ڪيل گڏيل بيان ۾ ”آبناءِ هرمز مان جهازن جي محفوظ اچ وڃ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ حصو وٺڻ جي تياري جو اظهار ڪيو ويو آهي.“
واضح رهي ته هي بيان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن نيٽو ملڪن طرفان سامونڊي لنگهن کي محفوظ بڻائڻ ۾ واشنگٽن جي مدد کان انڪار کي ”احمقاڻي غلطي“ قرار ڏنو هو، جپان کانسواءِ هن گڏيل بيان تي صحيحون ڪندڙ سڀئي ملڪ نيٽو جا ميمبر آهن.