شهيد علي محمد نائيني جو پلاند: پاسدارانِ انقلاب جا آمريڪي ۽ اسرائيلي فوجي ٿاڪن تي شديد حملا

تهران(ويب ڊيسڪ) ايران جي پاسدارانِ انقلاب اسلامي اعلان ڪيو آهي ته آپريشن وعده صادق 4 جي 67هين لهر ۾ بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي آمريڪي ۽ اسرائيلي هدفن تي حملا ڪيا ويا آهن.
پاسدارانِ انقلاب جي سڌ سماءُ واري شعبي موجب، اِها ڪارروائي اڄ جمعي ڏينهن، رمضان المبارڪ جي آخري ڏينهن ڪئي وئي ۽ ان کي پاسدارانِ جي شهيد ترجمان بريگيڊيئر جنرل ڊاڪٽر علي محمد نائيني جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملي دوران خطي ۾ آمريڪي فوجي ٿاڪن، ريڊار سسٽمز ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ موجود فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.
بيان موجب، خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن، ڊرون ڪمانڊ سينٽر، جهازن جي مرمتي ۽ سار سنڀال وارن مرڪز، هيلي ڪاپٽر سپورٽ ٿاڪن ۽ ميزائل دفاعي ريڊار سسٽمز کي به نشانو بڻايو ويو.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هن حملي دوران صهيوني رياست جي مرڪزي، ڏاکڻي ۽ اترين علائقن ۾ سيٽلائيٽ، ريڊار ۽ دفاعي مرڪزن کي به اثرائتي نموني حملا ڪيا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.