رياض /ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن ۾ اڄ عيدالفطر ملهائي پئي وڃي، مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ عيد نماز ادا ڪئي وئي.
سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، ڪويت ۽ ٻين نار وارن ملڪن ۾ اڄ مذهبي جوش ۽ جذبي سان عيدالفطر ملهائي پئي وڃي.
ٻئي پاسي پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر نه اچڻ سبب عيدالفطر سڀاڻي ڇنڇر ڏينهن ملهائي ويندي.
ملڪ ۾ اڄ 30 هون روزو آهي ۽ ماڻهو عيد جي تيارين ۾ مصروف آهن.