اسان آمريڪي فوجي طاقت ۽ تڪبر جي علامت ايف 35 کي نشانو بڻايو: ايراني پارليامينٽ اسپيڪر

تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايف 35 جهاز آمريڪي فوجي طاقت ۽ تڪبر جي علامت هو جنهن کي نشانو بڻايو ويو.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ”ايف-35 کي اهڙي علامت طور پيش ڪيو ويندو هو جيڪو هر اک کان لِڪل ۽ هر طاقت کان مٿانهون آهي، پر الله جي قدرت ان کان به مٿانهين آهي.“
محمد باقر قاليباف چيو ته دنيا ۾ پهريون ڀيرو ان علامت کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ اهو هڪ نظام جو زوال آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن اها خبر سامهون آئي هئي ته ايراني ڊفينس سسٽم هڪ آمريڪي ايف 35 جهاز کي نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي ميڊيا موجب، هڪ ايف 35 اسٽيليٿ جهاز کي مبينا طور نشانو بڻائڻ کانپوءِ وچ اوڀر ۾ قائم آمريڪي فضائي اڏي تي هنگامي لينڊنگ ڪرڻي پئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.