سريلنڪا آمريڪا کي جنگي جهازن لاءِ پنهنجو اڏو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) سريلنڪا آمريڪي جنگي جهازن کي پنهنجو اڏو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائڪي پارليامينٽ ۾ بيان ڏيندي چيو ته آمريڪا مارچ جي شروعات ۾ ٻن جنگي جهازن کي مٽالا انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي.
سريلنڪن صدر ٻڌايو ته انهن جهازن تي اينٽي شپ ميزائل لڳل هئا، جنهن کي جبوتي جي اڏي تان سريلنڪا منتقل ڪرڻ جو منصوبو هو.
صدر انورا ڪمارا ڊسانائڪي ايوان کي آگاهي ڏني ته اسان آمريڪي درخواست کي واضح طور رد ڪري ڇڏيو هو.
واضح رهي ته ان کان اڳ به آمريڪا جا اتحادي ملڪ ايران خلاف جنگ ۾ حصو وٺڻ کان انڪار ڪري چڪا آهن، جنهن تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا کي ڪنهن به مدد جي ضرورت ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.