مٺي واقعي خلاف ماتلي ۾ احتجاجي ريلي، ڌرڻو

ماتلي (ت ر) ماتلي مٺي ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ کي مبينا طور ذهني دٻاءُ وجهي خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري واقعي  خلاف ماتلي جي سماجي ڪارڪنن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، پاڪستان شيخ اتحاد، سنڌ شيخ الائنس ۽ ٻين تنظيمن جي سڏ تي ڦلڪارا روڊ کان نڪتل ريلي ۾ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي. ريلي سٽي پريس ڪلب پهچي مظاهرين سخت نعريبازي ڪئي ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي محمد نواز شيخ، امتياز شيخ، مهر الله شيخ ۽ ٻين چيو ته ڊاڪٽر عبدالڪريم شيخ تي ڪوڙا الزام هڻي کيس ذهني اذيت ڏني وئي، جنهن سبب هن خودڪشي ڪئي، جيڪا سندن چوڻ موجب قتل بالسبب آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي بي نقاب ڪري مٿن قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، باوجود ان جي ته قانون موجب اهڙي عمل تي پي پي سي سيڪشن 322 تحت ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو، اڃان تائين ايف آءِ آر درج نه ٿي آهي، هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته عدالت وسيلي 22-اي تحت داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.