لنڊن/پئرس/ٽوڪيو (م ڊ) دنيا جي 6 وڏن ملڪن برطانيا، فرانس، جرمني، اٽلي، نيدرلنڊز ۽ جاپان وچ اوڀر جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي توانائي جي عالمي مارڪيٽن کي مستحڪم ڪرڻ ۽ آبنائي هرمز مان جهازن جي محفوظ گذر کي يقيني بڻائڻ لاءِ ”مناسب قدم“ کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. هڪ گڏيل پڌرنامي ۾ انهن ملڪن ايران پاران ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته اهي ڪارروايون فوري طور تي بند ڪيون وڃن. پڌرنامي موجب، هي 6 ملڪ توانائي پيدا ڪندڙ ڪجهه مخصوص ملڪن سان ملي تيل جي پيداوار وڌائڻ تي ڪم ڪندا ته جيئن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪي سگهجي. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اسان آبنائي هرمز مان بحري جهازن جي محفوظ گذر کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر قسم جي ضروري مدد فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ انهن ملڪن جي عزم کي ساراهيون ٿا جيڪي ان حوالي سان اڳواٽ پلاننگ ڪري رهيا آهن. هنن ملڪن اسٽريٽجڪ پيٽروليم ذخيرن کي استعمال ۾ آڻڻ جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته هو عالمي مارڪيٽ ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ ٻيا به ضروري قدم کڻندا.