عمران خان جو طبي معائنو، حڪومت جو ٻارن سان ڳالهرائڻ جو اعلان

راولپنڊي/اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي قائم ڪيل 5 رڪني ميڊيڪل بورڊ اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني جي متاثر اک جو فالو اپ معائنو ڪيو. جيل ذريعن موجب، اٽڪل ٻه ڪلاڪ جاري رهندڙ هن چيڪ اپ دوران بشريٰ بيبي پڻ موجود هئي. ميڊيڪل ٽيم ۾  پروفيسر نديم قريشي، ڊاڪٽر عارف خان ۽ ٻيا ماهر شامل هئا، جن جديد اوزارن سان گڏ اک جي صورتحال جو جائزو ورتو. ڊاڪٽرن موجب، پي ٽي آءِ باني کي اک ۾ ٽيون انجيڪشن لڳڻو آهي، جنهن کان اڳ اها جانچ ضروري هئي. ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پيش ڪندو. ٻئي طرف، وفاقي وزير عطا تارڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي پنهنجي ٻارن سان عيد جي ڏينهن فون تي ڳالهه ڪرائي ويندي. هن واضح ڪيو ته نائيڪوپ ڪارڊ رکندڙن کي پاڪستان اچڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ناهي، پر پي ٽي آءِ باني جي ٻارن کي پاڪستان ۾ رهڻ دوران هتان جي قانونن جي مڪمل پاسداري ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.